– شهيد پوليس اهلڪارن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو اڄ ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ تقريبون، ريليون، قرآن خواني، وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 8 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايوم هزارين شهيد سندن فخر آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پوليس جَي بهادر جوانن کي سلام، جن فرض ادا ڪندي جانيون قربان ڪيون، شهيد اهلڪار بهادري جِي علامت آهن، اهلڪارن پنهنجيون جانيون قربان ڪيون ته جيئن عوام بنا ڪنهن خوف جي زندگي گذاري



