8سيپٽمبر تي گڊو بيراج وٽ ٻوڏ جو عروج، سنڌ سرڪار جي 7 کان 9 لک ڪيوسڪ ٻوڏ واري صورتحال جي تياري، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٻوڏ جي صورتحال بابت اجلاس، ڪي ڪي بند ۽ قادرپور شينڪ بند جي مضبوطيءَ جو ڪم جاري آهي، اجلاس ۾ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي تيارين ۽ امدادي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي، وڏي وزير پاران ٻوڏ جي تياري، رليف ڪيمپس جو قيام ۽ عوام جي محفوظ هنڌن تي منتقلي يقيني بڻائڻ جي هدايت، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي گھٽجي رهيو آهي، پر کين 7 کان 9 لک ڪيوسڪ ٻوڏ واري صورتحال جي تياري ڪرڻي آهي، 8 سيپٽمبر تي گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو پنهنجي عروج تي هوندو


