سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي: سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاران وفاقي بجيٽ ۾ سکر حيدرآباد موٽر وي لاءِ مختص ڪيل رقم تي مايوسي جو اظهار، نظرثاني جي اپيل.
سکر-حيدرآباد موٽر وي هن وقت تائين ناهي ٺهي سگهيو، وفاقي بجيٽ ۾ سکر حيدرآباد موٽر وي لاءِ مختص ڪيل رقم تي مايوسي ٿي.
وفاقي حڪومت نظر ثاني ڪري، وفاقي حڪومت سکر حيدرآباد موٽر وي ٺاهڻ جي خاطري ڪرائي هئي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.
سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ قدم کڻندي، وفاقي حڪومت جيترو سنڌ کي حصو ڏيندي، ان حساب سان بجيٽ ٺاهي ويندي.


