سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

نوري آباد ويجهو موٽر وي ايم نائن تي مزدا ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ ڪراچي واسي محمد عرفان فوت ٿي ويو.

جيڪب آباد لڳ پير مھر شاهه ڀرسان ڪوچ جي ٽڪر ۾  ڳوٺ ذيشان پنھور واسي پيرسن الهه بخش پنھور حياتي وڃائي ويٺو.

حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ويجھو ڪشمور واسي مسافر عبدالرحمان سميجو ريل گاڏي مان ڪِري فوت ٿي ويو.

Related posts

Leave the first comment