سنڌي ميڊيا جي عوامي ساک واري اداري ڌرتي ٽي وي جي 17هين ۽ روزاني سوڀ جي 21 هين سالگرهه ملهائي وئي

سنڌ سميت ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڏسندڙن پاران ڌرتي ٽي وي ۽ روزاني سوڀ جي سموري سٿ کي واڌايون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سگهاري آواز ۽ سنڌي ميڊيا جي عوامي ساک واري اداري ڌرتي ٽي وي جي 17هين ۽ روزاني سوڀ جي 21 هين سالگرهه ملهائي وئي.

سنڌ سميت ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڏسندڙن پاران ڌرتي ٽي وي ۽ روزاني سوڀ جي سموري سٿ کي واڌايون.

مختلف شهرن ۾ سالگرهه جون تقريبون، شهدادڪوٽ ۾ ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ڌرتي ٽي وي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

غوثپور، قمبر، ٽنڊو محمد خان ۽ ڏيپارجا ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جون تقريبون، ڌرتي ٽي وي ۽ روزاني سوڀ کي ڪامياب سفر تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

سالگرهه جي موقعي تي خاص نشريات ذريعي ڌرتي ٽي وي جي 17 ورهين ۽ روزاني سوڀ جي 21 ورهين جي صحافتي سفر، جاکوڙ ۽ ڪاميابين تي تفصيلي روشني وڌي وئي.

Related posts

Leave the first comment