سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج جاري

سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي.

ميرپور ساڪرو ۾ پوليس چوڪي کان مين بس اسٽاپ ٻھارا تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پنجاب حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي.

ڪنڌڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ ڪارڪنن جو مظاهرو ڪيو، هالاڻي ۾ شهرين جو احتجاج، سانگهڙ ۾ اسڪولي شاگردن ريلي ڪڍي ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي.

هوڏانهن ڪرونڊي ۾ به اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ شهرين جي وڏي انگ سنڌوءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي نعريبازي ڪئي.

Related posts

Leave the first comment