سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

ملير، رتيديري، دوڙ، وارهه، نئون امرٽو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ قومپرست ڌرين جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا.

ملير، رتيديري، دوڙ، وارهه، نئون امرٽو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڌرڻا پڻ هنيا ويا.

ڪڍڻ ۾ واپاري اتحاد ۽ ميڊيڪل اسٽور ايسوسيئيشن جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪرڻ بعد احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه سنڌ ۽ سنڌ ڌرتيءَ واسين جو جياپو آهي، جيڪڏهن وفاق سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته سنڌ جي سرزمين بنجر بڻجي ويندي.

هنن وڌيڪ چيو ته ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

Related posts

Leave the first comment