سنڌوءَ مان نڪرندڙ تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري

اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاهه کان حيدرآباد تائين پيادل مارچ، سنڌ دشمن رٿا خلاف سخت نعريبازي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ مان نڪرندڙ تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري.

قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاهه کان حيدرآباد تائين پيادل مارچ، سنڌ دشمن رٿا خلاف سخت نعريبازي.

خيرپور ۾ آل سنڌي شاگرد اتحاد پاران درياهه تي ڌاڙي خلاف مظاهرو، مظاهري ۾ غير قانوني ڪئنالن گرين انيشي ئيٽو خلاف سخت نعاريبازي.

سکر ۾ ليڪچراز ايسوسيئيشن طرفان تڪراري ڪئنال رٿا خلاف لوڪس پارڪ کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي، ماڻهن جو وڏو انگ شريڪ.

بدين ۾ 6  نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف ايس ٽي پِي جي سڏ تي ڌرڻو، پير چوڪ ٿرڪول روڊ تي ھزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا، ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

اڳواڻن چيو ته بدين ۽ ساحلي پٽي ۾ ڪيترن ئي ورهين کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آھي، سازشون ڪري سنڌو درياهه مان وڌيڪ 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي.

Related posts

Leave the first comment