سنڌوءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج

نواب ولي محمد، گھوٽڪي، ڪراچي ۽ محرابپور ۾ احتجاج، گھوٽ ڄڃ سميت احتجاجن پريس ڪلب پهتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل، ننڍن وڏن ڳوٺن توڙي شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا.

نواب ولي محمد  ۾ ايس ٽي پي جو قومي شاهراهه تي شاميانا  لڳائي ڌرڻو، وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، ڌرڻي سبب گاڏيون بيهجي ويون.

جسقم شهيد بشير خان پاران سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو اڄ پنجين ڏينهن به بک هڙتال جاري.

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، آصف راهوجو، حنان عباسي ۽ ٻيا اڳواڻ بک هڙتالي ڪئمپ تي موجود.

سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف گهوٽڪي ۾ نرالو احتجاج، گهوٽ جو ڄاڃين سميت پريس ڪب آڏو احتجاجي مظاهرو.

گھوٽڪي پريس ڪلب اڳيان ٿيندڙ احتجاج ۾ گهوٽ ۽ ڄاڃين جي سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ خلاف نعريبازي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي خوشحالي سان ئي اسان جو جياپو آهي، حڪمران  ڪئنال رٿا وارو فيصلو واپس وٺن.

Related posts

Leave the first comment