سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌوءَ جي بقا لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري

سنڌ جي ڏهرڪي، شهدادڪوٽ، ورڪشاپ، مٺي، حيدرآباد، ٻٻرلوءِ ۽ ڄامشورو ۾احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ جي بقا لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري.

ڏهرڪي ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ واسين جو قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري.

شھدادڪوٽ ۾ ڪئنالن خلاف ايس ٽي پي جو قمبر روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ٽرئفڪ معطل ٿيل.

ورڪشاپ ڀرسان هيڊ جمڙائو وٽ ڊسٽرڪٽ بار سانگهڙ جي وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو ڌرڻو جاري.

مٺيءَ ۾ به قومپرستن طرفان لڳايل ڌرڻو ٻئي ڏينهن جاري، سوين گاڏيون بيهجي ويون.

حيدرآباد مان سنڌياڻي تحريڪ جو قافلو ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ روانون، ھالاڻي ۾ به سياسي سماجي ڪارڪنن جو ڌرڻو، روڊ بلاڪ.

Related posts

Leave the first comment