سئو نوي ملين پائونڊ ڪيس ۾ نيب خاص پراسيڪيوشن ٽيم جوڙي ڇڏي

ٽيم 5 جون تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران عدالت آڏو نيب جي موقف جي پيروي ڪندي

اسلام آباد (نيشل ڊيسڪ) 190ملين پائونڊ ڪيس ۾ نيب خاص پراسيڪيوشن ٽيم جوڙي ڇڏي.

ٽيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي جي سزا خلاف اپيلن ۽ سزا معطلي جي درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالت جي مدد ڪندي.

سردار مظفر احمد خان جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽيم 5 جون تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران عدالت آڏو نيب جي موقف جي پيروي ڪندي.

Related posts

Leave the first comment