حڪومتي معاشي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس تي ڳالهيون شروع

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومتي معاشي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس تي ڳالهيون شروع.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏجاڻي ۾ صوبائي اختيارين، ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر عملدارن شرڪت ڪئي.

آءِ ايم ايف وفد سان ساورن ويلٿ فنڊز ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ريگوليشنز تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

توانائي واري وزارت ۽ نيپرا جا عملدار گردشي قرض ۽ ٽيرف ري بيسنگ جي حوالي سان تجويزون ڏيندا.

پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي شرطن ۽ تجويزن تي حامي ڀرڻ جي صورت ۾ قرض جي ايندڙ قسط ملي سگهندي.

Related posts

Leave the first comment