سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪچي جي سرڪاري زمين عورتن ۾ ورهائڻ لاءِ پاليسي جوڙڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران سنڌ سرڪار کي ڪچي جي سرڪاري زمين عورتن ۾ ورهائڻ لاءِ پاليسي جوڙڻ جي هدايت.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس، وڏي وزير مراد علي شاهه پ پ چيئرمين کي امن امان بابت بريفنگ ڏني.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوليس کي ڌاڙيلن خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو، اغوا ۽ ڀنگ جي وارداتن تي زيرو ٽالرنس آهي، ڪچي جي سرڪاري زمين عورتن ۾ ورهائڻ لاءِ پاليسي جوڙي وڃي.

وڏي وزير بريفنگ ۾ چيو ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ اغوا ۽ ڀنگ جي وارداتن تي ضابطو آندو آهي. سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، ڪشمور ۾ حالتون گهڻيون بهتر آهن.

Related posts

Leave the first comment