اسرائيلي فورسز پاران غزا ۾ حملن جو سلسلو جاري، اسرائيلي فوج جي غزه ۾ الاهلي اسپتال تي بمباري

اسرائيلي حملي سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن ۽ ماڻهن کي اسپتال جي عمارت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو: عرب ميڊيا

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيلي فورسز پاران غزا ۾ حملن جو سلسلو جاري، اسرائيلي فوج جي غزه ۾ الاهلي اسپتال تي بمباري.

اسرائيل طرفان بمباريءَ جي ڪري الاهلي اسپتال جا ڪيترائي حصا تباهه ٿي ويا، ڪيترائي مريض شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته حملي سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن ۽ ٻين ماڻهن کي اسپتال جي عمارت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، جن روڊن ۽ گهٽين ۾ پناهه ورتي آهي.

Related posts

Leave the first comment