آمريڪا ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون

ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت ڪندڙ 6 ڄڻن ۽ 12 ڪمپنين تي پابنديون

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت ڪندڙ 6 ڄڻن ۽ 12 ڪمپنين تي نيون پابنديون لڳايون ويون.

آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ جو چوڻ آهي ته آمريڪا ايران کي بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل تيار ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي.

Related posts

Leave the first comment