آذر بائيجان جي صدر طرفان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو اعلان

پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو جائزو وٺي رهيا آهيون، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ پريشان ڪندڙ هئي

باڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آذر بائيجان جي صدر طرفان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو اعلان.

پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو جائزو وٺي رهيا آهيون، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ پريشان ڪندڙ هئي.

2020ع جي جنگ ۾ ترڪيه ۽ پاڪستان اسان جي مدد ڪئي، پاڪستان ۽ ترڪيه سان دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ڀائيواري وڌايون پيا.

ٽنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ سهڪار جا وڏا امڪان آهن، آذر بائيجان جي صدر الهام عليوف جو لاچين ۾ ٽه ملڪي اجلاس کي خطاب.

ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته ٽنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن.

ٽنهي ملڪن ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهن، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگبندي تي اطمينان آهي.

هن چيو ته گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، خطي جو امن تباهه ڪندڙن خلاف بيٺل رهنداسين.

Related posts

Leave the first comment