پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ٿينديون، اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سڀاڻي کان پنجاب ۾ تڪبندين جي شروعات ڪئي ويندي، مڪاني چونڊون 2022ع جي قانون تحت ڪرايون وينديون، چيف اليڪشن ڪميشن سڪندر سلطان راجا جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ مڪاني چونڊون ناهن ٿيون، اهو شرمندگي جو سبب آهي




