Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ميرپور ماٿيلي ڀرسان پراڻي تڪرار تان سينيئر صحافي گوليون هڻي قتل، صدمي ۾ مقتول صحافي جي ڀائيٽي فوت

ميرپور ماٿيلي ڀرسان پراڻي تڪرار تان سينيئر صحافي گوليون هڻي قتل، صدمي ۾ مقتول صحافي جي ڀائيٽي فوت، ڳوٺ پير بخش حيدراڻي ۾ طفيل حيدراڻي ٻارڙن کي اسڪول کڻي وڃي رھيو ھو تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري کيس ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، طفيل حيدراڻي جي قتل جي صدمي ۾ ڀائيٽي رينا ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول خانگي ٽي وي چينل جو رپورٽر هو، حيدراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا، مقتول صحافي جي امڙ جو چوڻ آهي ته برادري جي ماڻهن پٽ کي ناحق قتل ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب، مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته صحافي طفيل حيدراڻي جي قتل جي غير جانبدار انڪوائري يقيني بڻائي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي

Related posts

Leave the first comment