نوان صوبو ٺاهڻ جو طريقيڪار آئين ۾ موجود آهي، اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، آئين تحت ڪم ڪنداسين، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان ورهين کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، وقتي صدر يوسف رضا گيلاني جي نيوز ڪانفرنس، سندس چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي آئيني ترميم ذريعي پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو، صدر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار پارليامينٽ حوالي ڪيا، مون وزيراعظم طور ستين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان ڪيو هو




