ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، گرمي جو زور گهٽجي ويو، بلديا ٽائون، شير شاهه، لياري، سائيٽ ايريا سميت مختلف علائقن ۾ وسڪارو ٿيو، ميرپور بٺورو، ڪوٽ لالو، دريا خان مري ۽ ڀرپاسي برسات، ساريال فصل کي نقصان، موسميات کاتي پاران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات جي اڳڪٿي، موسميات کاتي موجب هوا جو گھٽ دٻاءُ ڀارتي گجرات ۾ موجود آهي، سسٽم وڌيڪ شدت اختيار ڪري ڊپريشن ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو، سسٽم سڀاڻي تائين اتر عربي سمنڊ ۾ داخل ٿي سگھي ٿو، سسٽم جي عربي سمنڊ ۾ اچڻ بعد سامونڊي چاڙهه ٿي سگھي ٿو، سسٽم جو رخ عمان طرف رهندو، ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، مٺي ۽ عمرڪوٽ ۾ سسٽم جي اثر هيٺ اڄ ۽ سڀاڻي برسات جو امڪان آهي


