سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته کين ايٽمي هٿيارن جي ضرورت ناهي، ۽ نه ئي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جو ارادو رکن ٿا

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته کين ايٽمي هٿيارن جي ضرورت ناهي، ۽ نه ئي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جو ارادو رکن ٿا، پر ايران يورينيم جي افزودگي جي معاملي تي ڪنهن به دٻاءُ هيٺ نه ايندو، آمريڪا سان ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن، موجوده صورتحال ۾ آمريڪا سان ڳالهيون مفادن جو تحفظ نه ڪنديون ۽ ايران لاءِ نقصانڪار ثابت ٿينديون، آمريڪا نٿو چاهي ته ايران وٽ وچولي فاصلي يا ٻيا ميزائل هجن، خطرن جي اثر هيٺ ڳالهيون ڪرڻ دٻاءُ ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ برابر آهي، ڪا به باعزت قوم دٻاءُ آڏو ڪنڌ نه جهڪائيندي

Related posts

Leave the first comment