– آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل امن انعام تڏهن ملي سگهي ٿو جڏهن هو غزه ۾ اسرائيل ۽ فلسطينين وچ ۾ جاري تڪرار ختم ڪري، غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ ضروري آهي، ان لاءِ صرف سياسي ارادي جي ضرورت آهي: فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جون نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ ئي غزه ۾ جنگ کي روڪي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا، اسرائيل کي هٿيار ۽ سامان فراهم ڪندو آهي، فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ تي اسرائيل پابنديون لاڳو ڪيون ته هو به جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن


