– صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه جي چين ۾ يوٽونگ بس ڪمپني جي عملدارن سان ملاقات، سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه، صوبائي وزيرن يوٽونگ ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، ملاقات دوران ٽرانسپورٽ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار شهرين کي معياري ۽ محفوظ ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ بهترين موقعو آهي



