– فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ سان وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا ۽ رد عمل به ايندو: آمريڪا دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته فلسطين کي هڪ رياست طور تسليم ڪرڻ جون ڳالهيون غلط ۽ غير حقيقي آهن، جيڪي ان طرف وڌي رهيا آهن، کين واضح ڪن ٿا ته اولهه ڪناري کي اسرائيل ۾ ضم ڪيو ويندو، ائين ڪرڻ سان غزه ۾ جنگ بندي وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي ۽ غزه ۾ جاري آپريشن ۾ به اضافو ٿي سگهي ٿو




