لاڙڪاڻي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران ڏوهاري ساٿين جي ئي فائرنگ ۾ مارجي ويو، پوليس موجب غلام ڀٽو روڊ واري علائقي ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو، ڏوهاري عاشق علي پٽ روشن ڀٽو پنھنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، مارجي ويل ڏوهاري ڪجهه ڏينهن اڳ ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان احمد علي ڀٽي جي قتل ۾ ملوث هو، سندس قبضي مان مقتول جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي ويئي آهي


