سنڌ جي وڏي وزير پاران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ پي ڊي ايم اي ۽ ضلعن جي انتظاميا کي مڪمل تياري ڪرڻ جو حڪم

سنڌ جي وڏي وزير پاران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ پي ڊي ايم اي ۽ ضلعن جي انتظاميا کي مڪمل تياري ڪرڻ جو حڪم، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ فلڊ ايمرجنسي اجلاس، گڊو بئراج وٽ 7 کان 8 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان آهي، گڊو بئراج وٽ اربع  ۽ خميس جي وچ واري رات جو پاڻي پهچي سگهي ٿو، اترين ضلعن ۾ 72 ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ 106 ٻيڙين جو بندوبست ڪيو ويو آهي، امڪاني ٻوڏ سبب 52 هزار کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿي سگھن ٿا، وڏي وزير کي بريفنگ، وڏي وزير هدايت ڪئي ته درياءَ جي ڪنارن تي 500 کان وڌيڪ ڪيمپس قائم ڪيون وڃن، انتظاميا الرٽ رهي ۽ ٻوڏ واري صورتحال لاءِ ريسڪيو جي تياري رکي

Related posts

Leave the first comment