نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس لاءِ سعودي عرب پهچي ويو، اسحاق بنگلاديش دوري کانپوءِ سعودي عرب پهتو، پرڏيهي ترجمان موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 21هين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو، اجلاس ۾ فلسطين ۾ اسرائيلي جي جاري فوجي بربريت تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، غزا تي مڪمل فوجي ڪنٽرول جي تجويز ڪيل منصوبن ۽ فلسطينين جي حقن جي لاڳيتين سنگين ڀڃڪڙين تي ويچاريو ويندو


