فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران بلوچستان جي علائقي تربت جو دورو

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران بلوچستان جي علائقي تربت جو دورو، فيلڊ مارشل سان گڏ بلوچستان جو وڏو وزير ۽ ٻيا اعليٰ اختياريون به موجود، آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير کي فتنه الهندستان خلاف ڪامياب آپريشن ۽ سڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي، فيلڊ مارشل کي ڏکڻ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي به بريفنگ ڏني وئي، عاصم منير گڊ گورننس ۽ عوام دوست ترقيءَ تي زور ڀريو، سندس چوڻ آهي ته سول ۽ ملٽري ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ئي مسئلا حل ٿيندا، فوج امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ بلوچستان جي عوام سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي

Related posts

Leave the first comment