سنڌ اسيمبلي ۾ اقليتن جي قومي ڏهاڙي تي ٺهراءُ پيش، قائد اعظم محمد علي جناح فرمايو هو ته توهان آزاد آهيو مسجدن توڙي مندرن يا ڪنهن به عبادتگاهه ۾، قومي جهنڊي جي اڇي رنگ ۾ اقليتن جي نمائندگي ڪئي وئي آهي هر آمر مذهب جو سهارو وٺندو آهي پر سندن عوام انتهاپسندي کي رد ڪري ٿو، جيڪڏهن ڪنهن ڏڦيڙ ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ان کي دير سوير رد ڪيو آهي، مذهبي اقليتن جي عبادتگاهن جي تحفظ، اقليتن جي شادين جا قانون يا نوڪرين ۾ ڪوٽا سميت اقليتن لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن




