سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا، شھدادڪوٽ ۾ مستوئي شاخ جي آبادگارن احتجاج ڪندي شھدادڪوٽ -لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، وارهه ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي ڌرڻو، هارين، آبادگارن، شهرين، سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين احتجاج ڪيو، جوھي ۾ پٽوڙو شاخ جي آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو، قبو سعيد خان ڀرسان سيف الله مگسي برانچ ۽ ان مان نڪرندڙ ڍوري شاخ ۾ زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف مظاهرو، جماعت اسلامي پاران ڪچي پل باءِ پاس تي ڍوري شاخ ۾ بيھي احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ سبب ساريال فصل توڙي ٻيجارو سڙي ۽ سڪي رهيو آهي، بنا دير پاڻي فراهم ڪري آبادگارن کي معاشي نقصان کان بچايو وڃي




