پاڪستان يوڪريني صدر جي بيان تي يوڪرين کان باضابطه وضاحت طلب ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پرڏيهي ترجمان شفقت علي جو چوڻ آهي ته پاڪستان يوڪريني صدر پاران يوڪريني جنگ ۾ پاڪستانين جي ملوث هجڻ واري الزام کي رد ڪري ٿو، يوڪرين پاڪستان کي ڪا به تصديق جوڳي شاهدي فراهم نه ڪئي آهي، پاڪستان الزام تي يوڪرين کان باضابطه وضاحت طلب ڪندو



