– ڀارت هڪ کان هڪ نئون ظلم ڪشمير تي برپا ڪري رهيو آهي، ڀارت لاڳيتو انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري پيو، اينيمي پراپرٽي ايڪٽ تحت ڪشميرين جي ملڪيتن تي به قبضو ڪيو ويو آهي، حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ جون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بار عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهيون، چيائين لکين ڪشميرين کي بيگناهه جيلن ۾ وڌو ويو آهي، ڪشمير ڪيس وڙهڻ لاءِ مضبوط ليگل ڪميونٽي جي ضرورت آهي، ياسين ملڪ کي ڀارتي جيل ۾ ڇهه سال ٿي ويا، ساڻس ملڻ به نٿو ڏنو وڃي


