والاريل ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ تي ڀارت  خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءَ پيش

– والاريل ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ تي ڀارت  خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءَ پيش، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي ساهه جي رڳ آهي،  والاريل ڪشمير ۾ ڀارت ظلم جي انتها ڪري رهيو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشه ڪشمير لاءِ آواز اٿاريو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ٺهراءَ پيش ڪندي چيو ته مودي سرڪار غير قانوني طور والاريل ڪشمير جي حيثيت ختم ڪئي، ڀارتي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، جميل احمد سومري چيو ته اڄ پوري ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن تي ڀارت ڪشمير جي حق تي ڌاڙو هنيو، پ پ جي بنياد ئي ڪشمير هئي

Related posts

Leave the first comment