سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سياسي ڏاهپ ۽ مفاهمت جي اهڃاڻ صدر آصف علي زرداري جي اڄ 70هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

سياسي ڏاهپ ۽ مفاهمت جي اهڃاڻ صدر آصف علي زرداري جي اڄ 70هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، 26جولاءِ 1955 ۾ سنڌ جَي مشهور زميندار ۽ سياستدان حاڪم علي زرداري مرحوم جي گهر ۾ جنم وٺندڙ آصف علي زرداري 1988 ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان شادي کانپوءِ باضابطه طور سياست جي شروعات ڪئي، 1990 ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جي برطرفي بعد ٿيل اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو، 1993 ۾ نگران وزيراعظم بلخ شير مزاري جِي ڪابينا ۾ وزير رهيو، محترمه بينظير ڀٽو جي ٻئي حڪومتي دور ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ماحوليات جو وزير منتخب ٿيو، 1997 کان 1999 تائين سينيٽ جو ميمبر پُڻ رهيو، 27 ڊسمبر 2007 تي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ٿيل چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جَي شريڪ چيئرمين طور آصف علي زرداري پنهنجي پارٽي کي سڄي ملڪ مان ڪاميابي ڏياري ۽ ملڪ جو 11 هون صدر بڻيو، 9 سيپٽمبر 2008 کان 8 سيپٽمبر 2013 تائين آئيني مدو پورو ڪندڙ ملڪ جو پهريون صدر بڻيو، مارچ 2024 تي ملڪ جو ٻيهر صدر منتخب ڪيو ويو

Related posts

Leave the first comment