خواب آهي ته اصيل انصاف ملڻ جي اعتماد سان عدالتن ۾ اچن، مقرر وقت تي ڪيس حل ٿيڻ گهرجن، عدالتي معاملا ٻن شفٽن ۾ هلائڻ ۽ هٿرادو ذهانت جي استعمال تي غور ڪيو پيو وڃي، قانون جا بهترين ماهر روزاني جي بنياد تي ڪيس ٻڌي رهيا آهن، رولڙي جو شڪار ڪيس ماڊل عدالتن ذريعي ٻڌا ويندا: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جو تقريب کي خطاب، چيائين، قومي جوڊيشل پاليسي اهميت رکي ٿي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽس جي قيام لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، ان مقصد لاءِ جوڊيشل اڪيڊمي ۾ جوڊيشل آفيسرن کي تربيت ڏني وئي آهي، عدليه لاءِ پيشوراڻي مهارت ۽ سياسي وابسطگي نه رکندڙ نوجوان وڪيلن کي اڳتي آندو ويندو


