-* پاڪستان ۽ عالمي بينڪ وچ ۾ معيشت جي اهم شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق، وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي بينڪ جي وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان جي ريجنل نائب صدر عثمان ڊيوڊ جي ملاقات، وزيراعظم سنڌ طاس معاهدي جي ڀارت طرفان هڪ طرفي معطلي تي پاڪستان جي موقف جي عالمي بينڪ جي اصولي حمايت جي واکاڻ ڪئي، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عالمي بينڪ جي مدد پاڪستان جي ترقي ۾ اهم آهي ۽ ٻنهي ادارن وچ ۾ سهڪار وڌيڪ سگهارو ٿيندو




