سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

حق خوداراديت ڪشميري عوام جو بنيادي آهي

– حق خوداراديت ڪشميري عوام جو بنيادي آهي، الحاق جو ڏهاڙو ڪشميري عوام جي اجتماعي سوچ ۽ پاڪستان سان ان جي فطري ۽ دائمي تعلق جو روشن اهڃاڻ آهي، پاڪستان ڪشميرين جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تحت خوداراديت حاصل ٿيڻ تائين پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندوصدر آصف علي زرداري جو ڪشمير جي الحاق جي ڏهاڙي تي پيغام، چوي ٿو ڪشميري عوام جون قربانيون ۽ جدوجهد ضايع نه ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ئي خطي جي امن جي ضمانت آهي، ڀارت جا 10 لک فوجي به ڪشميرين جي آزادي واري جذبي کي دٻائي نه سگهيا، ڪشميرين جو ٽيون نسل به حق خوداراديت لاءِ پرعزم آهي، چوي ٿو ڪشميري نمائندن 1947 تي پاڪستان سان الحاق جو اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪيو هو، ڏهاڪن تي ٻڌل جدوجهد ڪشميرين جي آزادي واري جذبي جو ثبوت آهي

Related posts

Leave the first comment