پاڪستان ڀارت سان جنگ ۾ 5 جهاز ڪيرايا هئا، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي ڪوڙ کي وائکو ڪري ڇڏيو، وائيٽ هائوس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس خيال ۾ پاڪستان ڀارت جا 5 کان 6 جهاز ڪيرايا هئا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ صورتحال انتهائي خراب هئي، ايٽمي جنگ جو خطرو هو، پاڪستان ۽ ڀارت کي واپار جو مشورو ڏنو، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ خطرناڪ جنگ جو خاتمو آندو، ڪرپٽو ۾ آمريڪا دنيا ۾ سڀني کان اڳتي آهي، آمريڪا کي دنيا لاءِ ڪرپٽو ڪرنسي جو مرڪز بڻايو ويندو


