ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي واشنگٽن ۾ آمريڪي اعليٰ عملدارن سان ملاقات، سندس چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري اتحاد آهي، هو آمريڪا سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ چاهين ٿا، پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪجهه معاملن تي ڳالهه ٻولهه اڃا ٿيڻي آهي، اميد آهي ته واپار بابت ڳالهيون تعميري انداز ۾ اڳتي وڌنديون، جلد پاڪستان ۽ آمريڪا جي قيادت ان جو اعلان ڪندي




