قلات ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٽن شهرين جا مڙهه ڪراچي پهچايا ويا، صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي هوائي اڏي تي لاش وصول ڪيا، سعيد غني جو چوڻ آهي ته قتل ٿيل 3 شهري پيشي جي لحاظ کان قوال آهن، هو تقريب ۾ پنهنجو فن پيش ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته کين قتل ڪيو ويو، دهشتگرد واقعي ۾ زخمي ٿيل پنج ماڻهو هن وقت قلات جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، ڪجهه زخمي ڪراچي آندا ويا آهن، کين هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن


