ماڊل ۽ اداڪارا حميرا اصغر جي موت جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم، ايس پي ڪلفٽن جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جاچ ڪندي، جاچ ۾ پَتو لڳايو ويندو ته اداڪارا جو موت حادثو، قتل يا آپگھات آهي، جاچ ڪميٽيءَ پاران اداڪارا جي موت بابت جاچ شروع، جاچ ڪميٽي موجب، جاچ ڪميٽي کي ماڊل جي هڪ ڊائري به مِلي آهي، ڊائريءَ ۾ اداڪارا جي استعمال هيٺ سمورا موبائيل نمبرز، ايميل اڪائونٽس ۽ پاسورڊز نوٽ ٿيل آهن، مليل ڊائريءَ سبب جاچ ۾ مدد ۽ اهم اڳڀرايون سامهون اينديون، اداڪارا جي استعمال ۾ 3 واٽس ايپ نمبر هئا، جن مان هڪ پرڏيهي ۽ 2 پاڪستاني نمبرز آهن، جاچ عملدارن کي هڪ عدد پراڻو نوڪيا فون،هڪ ليپ ٽاپ ۽ هڪ ٽيبليٽ پڻ هٿ آيو آهي


