سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڪراچي جي علائقي لياري ۾ 5 ماڙ عمارت ڊهي پئي ، 4 ڄڻا فوت، 6 زخمي

ڪراچي جي علائقي لياري ۾ 5 ماڙ عمارت ڊهي پئي ، 4 ڄڻا فوت، 6 زخمي، بغدادي ۾ رهائشي عمارت ڪِري پٽ پئجي وئي، ريسڪيو ذريعن موجب عمارت جي ملبي هيٺان 4 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، 6 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي، علائقي ۾ امداد ڪارروايون آپريشن جاري، اڃا به ماڻهو ملبي هيٺ دٻيل هجڻ جو خدشو ظاهر، وڏي وزير مراد علي شاهه عمارت ڊهڻ جو نوٽيس ورتو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين کان رپورٽ طلب، مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته زبون ٿي ويل عمارتن جي ترت نشاندهي ڪئي وڃي، انساني جانين جو تحفظ ترجيح آهي، لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي

Related posts

Leave the first comment