ايران جو صبح سوير اسرائيل تي ميزائيل حملو، وڌيڪ 4 اسرائيلي مارجي ويا، هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي

ايراني حملن بعد حيفا جي پاور پلانٽ کي باھه لڳي وئي، اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي فراهمي بند

تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران جو صبح سوير سان اسرائيل تي ميزائيل حملو، اسرائيلي دفاعي نظام ايراني ميزائيل روڪڻ ۾ ناڪام، وڌيڪ 4 اسرائيلي مارجي ويا، هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي.

ايراني ميزائيل حملن کان پوءِ حيفا جي پاور پلانٽ کي باھه لڳي وئي، اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي بند، تل ابيب ۾ به تباهي، ڪيتريون عمارتون ۽ گاڏيون ڍير بڻجي ويون.

اسرائيل پاران تهران ويجهو ايران جي ميزائيل ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ، فردو پاور پلانٽ ڀرسان ڌماڪو، ٻه ڏهائي 5 جِي شدت سان زلزلو.

پاسداران انقلاب انٽيليجنس سربراهه، نائب سميت شهيد، ايراني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 224 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، شهيدن ۾ 90 سيڪڙو عام شهري آهن.

ايراني پرڏيهي وزارت جي عمارت تي اسرائيلي حملو، تهران ۾ پاڻي جي مرڪزي پائيپ لائين کي به نشانو بڻايو ويو.

شهيد ايٽمي سائنسدانن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو، ايراني ڪمانڊرز پاران 44 اسرائيلي ڊرونز ۽ ڪواڊ ڪاپٽرز ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ.

Related posts

Leave the first comment