سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پير ڳوٺ ڀرسان پوليس پاران مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ

هادل شاهه  لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي ۾ بدنام ڏوهاري ڀورل شاهه مارجي ويو: پوليس

پير جو ڳوٺ (ويب ڊيسڪ) پير ڳوٺ ڀرسان پوليس پاران مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب هادل شاهه  لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نوراجا واسي بدنام ڏوهاري ڀورل شاهه مارجي ويو.

پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، مارجي ويل جوابدار تي خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي سنگين ڪيس داخل آهن.

Related posts

Leave the first comment