وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب کي خط

چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي مشاورت جي دعوت

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب کي خط لکي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي مشاورت جي دعوت ڏئي ڇڏي.

خط ۾ وزيراعظم ڄاڻايو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جو مدو 26 جون تي ختم ٿي چڪو آهي.

آرٽيڪل 218 تحت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن لاءِ تجويزون ڪميٽي ڏانهن موڪلڻيون آهن.

مخاف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي مشاورت لاءِ تيار آهيون.

Related posts

Leave the first comment