گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ويو: پرڏيهي کاتو

سفارتي وفد ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي جا ثبوت عالمي برادري آڏو رکيا: ترجمان

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ويو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سفارتي وفد ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي جا ثبوت عالمي برادري آڏو رکيا.

وفد سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت جو هڪ طرفي رويو نه قبولڻ جوڳو قرار ڏنو ۽ عالمي برادري کان معاهدن جي پاسداري يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو.

ڪشمير مسئلي جو جٽادار حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ضمانت آهي، پاڪستان امن چاهي ٿو پر خودمختياري تي سوديبازي نه ٿيندي.

Related posts

Leave the first comment