روزاني سوڀ ۽ ڌرتي ٽي وي جي سالگرهه تي”گڏجي ساٿ ڏيو ته منزلون ملي وڃن“نئون ٿيم سانگ جاري

ناليواري ڳائڻي نجف علي جي سُريلي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل گيت جي تخليق ناليواري شاعر ديدار معصوم ڪئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) روزاني سوڀ 21 ۽ ڌرتي ٽي وي 17 هين سالگرهه جي موقعي تي اداري پاران ”گڏجي ساٿ ڏيو ته منزلون ملي وڃن“نئون ٿيم سانگ جاري ڪري ڇڏيو.

ناليواري ڳائڻي نجف علي جي دلسوز آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ٿيم گيت جي تخليق ناليواري شاعر ديدار معصوم ڪئي.

روزاني سوڀ ۽ ڌرتي ٽي وي جو ٿيم سانگ ڌرتي ٽي وي ۽ روزاني سوڀ جي سٿ تي فلمايل آهي.

Related posts

Leave the first comment