ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ اڄ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

ڪي پي، اسلام آباد، پوٺوهار، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ گجگوڙ سان مينهن پوندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ اڄ گجگوڙ سان برسات جو امڪان.

موسميات کاتي موجب ڪي پي، اسلام آباد، پوٺوهار، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ گجگوڙ سان مينهن پئجي سگهي ٿو.

ڪجهه هنڌن تي تيز ۽ ڳڙي سان به برسات پئجي سگهي ٿي، ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي.

موسميات کاتي موجب ڪراچيءَ ۾ اڄ کان سامونڊي هوائون بند رهنديون، جنهن سبب گرمي پد ۾ واڌ اچي سگھي ٿي.

Related posts

Leave the first comment