Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي کان 30 مئي تائين چئن ملڪن جو دورو ڪندو

وزيراعظم ترڪيه، ايران، آذربائيجان ۽ تاجڪستان جو دورو ڪري دوشنبي ۾ عالمي گليشيئرز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي کان 30 مئي تائين چئن ملڪن جو دورو ڪندو.

وزيراعظم ترڪيه، ايران، آذربائيجان ۽ تاجڪستان جو دورو ڪندو، دوشنبي ۾ عالمي گليشيئرز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو.

پرڏيهي ترجمان موجب وزيراعظم چئني ملڪن جي قيادت سان ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو.

دوري دوران علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، ڀارت ڇڪتاڻ دوران حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم دوست ملڪن جا ٿورا مڃيندو.

Related posts

Leave the first comment