Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڊرٻ ميهر شاهه: پراڻي تڪرار تان جھيڙي دوران فائرنگ، واٽھڙو سميت 3 ڄڻا قتل، 5 ڄڻا زخمي

اڄڻ ۽ ڪليري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا

ڊرٻ ميهر شاهه (ويب ڊيسڪ) ڊرٻ ميهر شاهه ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙي دوران فائرنگ ۾ واٽھڙو سميت 3 ڄڻا قتل، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اڄڻ ۽ ڪليري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.

گوليون لڳڻ سبب سجاد ڪليري، واٽھڙو گدا حسين بڙدي، اسلم اڄڻ مارجي ويا، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

واقعي کان پوءِ مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز، هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ جاري.

Related posts

Leave the first comment